ٽلي راند

ٽلي راند: هي هڪ ٻاراڻي راند آهي، جيڪا ٽيم جي صورت ۾ به کيڏي سگهجي ٿي. هن راند ۾ پهرين هڪ گِل ڪڍبي آهي ۽ اکر ڀوري يا سڪي دريا وسيلي پهرين گِل جو طئه ڪيو ويندو آهي پوءِ جنهن ٻار جي آڳ گِل هڻڻ جو طئه ٿيل هوندو آهي، اهو پهريان گِل هڻندو، جي ڪنهن رانديگر ڏڪي جهٽي ته رانديگر کاتو، ورنه ڏڪر گِل تي رکندو ۽ پاڻ پري ٿي بيهندو. هڪ ڇوڪرو ڏڪي گِل ڏڪر ڏانهن اهڙي نموني اڇلائيندو ته جيئن ڏڪر کي لڳي، جي لڳي ته آڳ وٺندڙ رانديگر کاتو، ورنه ڏڪي جتي پئي ته آڳ وٺندڙ رانديگر ڏڪر سان ڏڪيءَ کي هڪ پاسي کان چهنب تي ڌڪ هڻندو، جنهن سان ڏڪي ٿيڙ يا اڇل کائيندي ۽ رانديگر ان ڏڪيءَ کي زمين تي ڪرڻ کان اڳ ٻيو ڌڪ زور سان هڻندو، پوءِ جتي ڏڪي ڪري، وري اتان ساڳئي نموني ٻيو ڌڪ هڻندو ۽ اهڙي طرح هن کي ٽي ڌڪ هڻڻا هوندا آهن. اگر ڪو ڌڪ گٿو ته اهو به ڳڻبو، جي ڏڪي ڪنهن ڊاڳ يا گپ ۾ ڪري ته اتان ڪڍي ٽاڪ زمين تي رکبي، پر ان جو هڪ ڌڪ ڪٽبو ۽ جيڪڏهن ڪو به ڌڪ نه هڻي سگهيو ته کاتو ۽ جي ٽن مان ٽئي ڌڪ لڳن يا ٻه لڳن اگر هڪ لڳو ته آڳ وٺندڙ رانديگر چوندو ٿوپو، يعني ڏڪي گِل کان ڏهن ڏڪرن جي مفاصلي تي آهي، جي آڳ ڏيندڙ رانديگر متفق ٿيا ته ٺيڪ، ورنه چوندا ته ٿوپو، يعني ڏڪر سان ڳڻپ ۽ ماپ ٿيندي ۽ پوءِ جيترا ٿين اهي ڳڻپ ڪبا، پوءِ ڏڪر گِل ۾ اڇلائي هڻندو، جي لڳو ته آڳ وٺندو، يعني کاتو، ورنه ٻيهر ساڳي نموني ٽي ڀيرا هلندو. هن راند ۾ ’جيءُ‘ هڪ سئو کان پنج سئو ڏڪرن تائين جو ٿيندو آهي، پوءِ ڇوڪرا جيترا ڏڪر مقرر ڪن. اگر ڪنهن رانديگر ’جيءَ‘ ٺاهي ورتو ته پٺ ڪندو، يعني هڪ ڀيرو کاپجڻ بعد ٻيهر هلندو يا ڪنهن پنهنجي رانديگر کي ڏيندو يا ڪنهن ٻاهرئين کي ڏئي سگهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو